news
ڪراچي

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نااهلي لاءِ داخل درخواست تي فيصلو محفوظ

ڪراچي: (خميس 16 سيپٽمبر 2021ع) سنڌ هاءِ ڪورٽ  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نااهلي لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻ جوڳي قرار هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ جي درخواست تي چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه صادق ۽ امين نه رهيو آهي. مراد علي شاهه  چونڊن ۾ ٻٽي شهريت لڪائي هئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ حليم عادل شيخ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. حليم عادل شيخ چيو آهي ته مراد علي شاهه صادق ۽ امين نه آهي.

سنڌ جي وڏي وزير ٻٽي شهريت جي باوجود 2007 ۾ چونڊن ۾ حصو ورتو. اسان عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته مراد علي شاهه کي نااهل قرار ڏنو وڃي.