news
اسلام آباد

ڪورونا جي چوٿين لهر جا وار جاري، ڇاهٺ مريض حياتيون وڃائي ويٺا، ٽي هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: (خميس 16 سيپٽمبر 2021ع) ڪورونا وائرس وگهي 66 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 27 هزار 4 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 15 هزار 821 ٿي وئي آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 هزار 12 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 18 هزار 196، سنڌ ۾ 4 لک 47 هزار 678، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 69 هزار 972، بلوچستان ۾ 32 هزار 671، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 204، اسلام آباد ۾ هڪ لک 3 هزار 549 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 33 هزار 551 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 86 لک 82 هزار 730 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 56 هزار 778 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 11 لک 12 هزار 236 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 5 هزار 39 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 66 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن  کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 27 هزار 4 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 12 هزار 319، سنڌ ۾ 7 هزار 210، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 329، اسلام آباد ۾ 893، بلوچستان ۾ 344، گلگت بلتستان ۾ 182 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 727 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.