news
اسلام آباد

توشه خانه ريفرنس: آصف زرداري احتساب عدالت ۾ بريت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (خميس 16 سيپٽمبر 2021ع) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري احتساب عدالت ۾ بريت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.

توشه خانه ريفرنس ۾ آصف زرداري فاروق ايڇ نائيڪ جي ذريعي درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدالت ۾ هينئر تائين پيش ٿيل نيب گواهن آصف زرداري مٿان ڪوبه الزام ناهي لڳايو. 43 گواهن مان 21 کي نيب احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ ريفرنس جي ذريعي سياسي انتقام جو نشانو بنايو. توشه خانه ريفرنس ۾ نيب جا الزام بي بنياد آهن.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته احتساب عدالت توشه خانه ريفرنس ۾ بري ڪري. ماضي ۾ به انتقام جو نشانو بنايو ويو ۽ جيلن ۾ اماڻيو ويو. پر اهڙن انتقامي ڪيسز ۾ بري ٿيس. نيب ريفرنس ۾ منهنجي خلاف الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.

آصف زرداري احتساب عدالت ۾ توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي روڪڻ جي درخواست به داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت بريت جي درخواست تي فيصلو ٿيڻ تائين ٻڌڻي اڳيان نه وڌائي. ٻڌڻي هلائي وئي ته اها قانون سان تڪراري هوندي. عدالت پهريان بريت جي درخواست تي فيصلو ڪري.