news
ڪراچي

بلاول ڀٽو زرداري پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: (خميس 16 سيپٽمبر 2021ع) بلاول ڀٽو زرداري پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پيٽروليم شين جي واڌ سبب  مهانگائي جو ماريل عوام ويتر پريشان ٿي ويو آهي.

عمران خان عوام جي کيسن تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پيٽرول 5 روپيه وڌيڪ مهانگو ٿي ويو. عمران خان ٻڌائي ته قوم جا سٺا ڏينهن  ڪڏهن ايندا. ڊالر، پيٽرول، تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن. هر شيءَ عوام جي پهچ کان پري ٿيندي پئي وڃي.

عمران خان چيو هو ته مان روئاڙيندس، اڄ سموري قوم روئي رهي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته عوام روئي رهي آهي ۽ عمران خان چين جي بانسري وڄائي رهيو آهي. بجيٽ کان پوءِ عوام کي رليف ڏيڻ جا اهي وڏا دعويٰ ڪيڏانهن ويا؟ سستو پيٽرول ڏيڻ جو ڪوڙ ڳالهائي اقتدار ۾ ايندڙ اڄ تاريخ جو مهانگو پيٽرول وڪرو ڪري ان جو به دفاع ڪري رهيا آهن. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سان جمع اربين روپيه تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪرپشن ۾ اڏائي ڇڏيندي.