news
اسلام آباد

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٽي ٽي پي کي مشروط معافي جي آڇ ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (خميس 16 سيپٽمبر 2021ع) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جيڪڏهن تحريڪ طالبان  دهشتگردي ۾ ملوث نه هجڻ جو واعدو ڪن ۽ پاڪستان جي آئين کي مڃين ته پاڪستان کين معافي ڏيڻ تي غور ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو بيان صدر عارف علوي طرفان پاڪستان جي نجي چينل کي ڏنل انٽرويو جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سامهون آيو آهي. پنهنجي انٽرويو ۾ صدر عارف علوي چيو هو ته حڪومت پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي ان ماڻهن کي ايمنسٽي ڏيڻ جو سوچي سگهي ٿي جيڪي هٿيار اڇلي پاڪستان جي آئين کي مڃين ۽ ڏوهه ۾ ملوث نه ٿين. هاڻ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به هڪ انٽرويو ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي لاءِ معافي جي مشروط آڇ ڪري ڇڏي آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن تحريڪ طالبان پاڪستان دهشتگردي ۾ ملوث نه هجڻ جو واعدو ڪري ۽ پاڪستان جو آئين مڃين ته پاڪستان کين معافي ڏيڻ تي غور ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغان جيلن مان ٽي ٽي پي جي قيدين جي نڪرڻ وارين خبرن تي ڳڻتي آهي پر طالبان طرفان پنهنجي زمين پاڪستان سميت ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ جو اعلان خوشي جوڳو قدم آهي. شاهه محمود قريشي چيو  ته اسان اشرف غني حڪومت کي لاڳيتو پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي ٺڪاڻن جي نشاندهي ڪندا رهيا آهيون پر انهن ڪوبه قدم نه کنيو. هاڻ اسان ڏسي رهيا آهيون ته طالبان هنن جي خلاف ڪهڙو ايڪشن ٿا وٺن.

شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان سان لاڳاپيل پاڪستاني سرحد تي ڪوبه دٻاءُ نه آهي ڇو ته افغانستان مان ڪنهن کي ڀڄڻ جي ضرورت نه آهي ۽ هاڻ اتي امن  استحڪام اچي ويو آهي. پاڪستان ان ماڻهن جي افغانستان مان واپسي ۾ مدد ڪندو جن وت گڏيل دستاويز آهن اسان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان 30 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيا آهيون پر هاڻ اسان جون پنهنجون مجبوريون آهن ان لاءِ افغانستان مان ايندڙ ماڻهن جي لاءِ ڪابه  پناهگير ڪيمپ نه پيا ٺاهيون.