news
اسلام آباد

وزيراعظم جي قازقستان جي صدر سان ملاقات، گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون

دوشنبي: (خميس 16 سيپٽمبر 2021ع) وزيراعظم عمران خان سان قازقستان جي صدر  دوشنبي ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي ۽ ٻطرفي لاڳاپن ۽ علاقائي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

وزيراعظم عمران سان قازقستان جي صدر جي ملاقات ايس سي او سمٽ جي سائيڊ لائين تي ٿي. ملاقات ۾ پاڪستان طرفان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف، وفاقي وزير امور علي زيدي، وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌري ۽ قازقستان  جي وفدن شرڪت ڪئي.

ٻئي طرف فواد چوڌري صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته وزيراعظم جي روس جي صدر سان ملاقات طئي هئي، صدر پيوٽن قرنطينه ۾ هجڻ سبب دوشنبي نه پيو اچي. صدر پيوٽن ۽ وزيراعظم عمران خان جي فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. وزيراعظم عمران خان ۽ صدر پيوٽن وچ ۾ جلد ملاقات جو امڪان آهي.

فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جا پاڻ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم تاجڪستان ۾ بزنس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ڪاروباري رابطا وڌائڻ تي ڳالهيون ٿينديون. افغانستان جي صورتحال ڪانفرنس جو اهم حصو رهندي. تاجڪستان جو افغانستان جي حوالي سان ڪردار اهم آهي.