news
اسلام آباد

طالبان کي حڪومت ٺاهڻ ۽ ملڪي معاملا هلائڻ لاءِ وقت ڏيڻ گهرجي: شيخ رشيد

اسلام آباد: (خميس 16 سيپٽمبر 2021ع) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته طالبان کي حڪومت ٺاهڻ ۽ ملڪي معاملا هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي.

رپورٽ موجب شيخ رشيد احمد سان گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر فيلپو گرانڊي  ملاقات ڪئي.  ملاقات ۾ افغانستان مان واپسي ۽ افغان شهرين جي لاءِ انساني امداد بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات جي دوران اتفاق ڪيو ويو ته افغان شهرين کي   هلندڙ حالتن ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. انساني بنيادن تي افغان شهرين جي لاءِ خوراڪ، دوائون ۽ ٻين ضروري شين جو بندوبست ڪيو ويندو.

ملاقات دوران وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي. طالبان کي حڪومت ٺاهڻ ۽ ملڪي معاملا هلائڻ لاءِ وقت ڏيڻ گهرجي. دنيا کي افغانستان ۾ زميني حقيقتون سمجهڻ جي ضرورت آهي. طالبان کي افغانستان ۾ گورننس جي لاءِ مالي ۽ انساني وسيلا يقيني بنائڻا پوندا. طالبان جي اثر هيٺ حڪومت افغانستان  کي هڪ ئي ڏينهن ۾ يورپ جيان ترقي ممڪن نه آهي. هن چيو ته پناهگير افغانستان ۾ امڪاني انساني قحط، بدامني ۽ لاقانونيت کي جنم ڏئي سگهي ٿو. انساني همدردي جي تحت خوراڪ ۽ دوائن جا ٽرڪ ۽ جهاز افغانستان اماڻيا آهن. هلندڙ حالتن ۾ پاڪستان افغان شهرين جي انساني همدردي جي بنياد تي امدادي جاري رکندو. هلندڙ صورتحال ۾ پاڪستان ۾ نه ڪو افغان پناهگير آهي ۽ نه ئي پناهگير ڪيمپ، افغانستان مان پرڏيهي ۽ افغان شهرين کي ڪڍڻ جي لاءِ سهولت مرڪز 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي.

گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان پاران 30 لک افغان پناهگيرن جي سار سنڀال وارو ڪردار تعريف جوڳو آهي. گڏيل قومون افغان شهرين کي اڪيلو نه ڇڏينديون. هنن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. افغانستان جي لاءِ فنڊ ۽ امداد جي لاءِ سڄي دنيا کي متحرڪ ڪيو آهي. يو اين عملي جي سيڪيورٽي ۽ ويزه سهولتون ڏيڻ تي پاڪستان جي حڪومت جا ٿورائتا آهيون.