news
ڪراچي

تباهي سرڪار جي پيٽرول واري شين جي قيمتن ۾ واڌ واري عوام دشمن فيصلي کي رد ڪريون ٿا: شازيه مري

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه مري چيو آهي ته تباهي سرڪار پاران  پيٽرول واري شين جي قيمتن ۾ واڌ واري فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت سان گڏوگڏ اھڙي عوام دشمن فيصلي کي رد ڪريون ٿا. ھن چيو ته نيازي جي نااھل حڪومت گذريل ٽن مھينن ۾ ڇھ ڀيرا پيٽرول مھانگو ڪري عوام مٿان مھانگائي جو بم ڪيرايو آهي.

شازيه مري چيو ته نيازي حڪومت ملڪ اندر بيروزگاري، مهانگائي ۽ لوٽ مار جي مشن تي ڪم ڪري رهي آھي.

اھڙين ڳالهين جو اظهار اڄ ھن سندس ھڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي.

شازيه مري چيو ته نيازي حڪومت ملڪ ۾ تاريخي مھانگائي ۽ بيروزگاري ڪري غريب عوام تي ظلم ڪري رهي آهي، جڏهن ته عمران نيازي ۽ سندس حوارين کي ماڻهن جي تڪليفن جي ڪابه پرواهه ناهي. شازيه مري وڌيڪ چيو ته اسان نيازي سلطنت جي اھڙن عوام دشمن فيصلن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ پيٽرول واري شين جي قيمتن ۾ واڌ سان مهانگائي جي شرح ۾ پڻ وڌيڪ اضافو ٿيندو.

ھن چيو ته ڪوڙي حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي ڪوڙن واعدن کي پورو ڪرڻ ۾ به ناڪام وئي آهي ۽ پيپلزپارٽي پيٽروليم واري شين جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪندي انھي فيصلي کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ٿي.