ميرپورماٿيلو ويجهو ڳڙهي چاڪر ۾ گبول برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٽي ڄڻا زخمي

news

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳڙھي چاڪر ۾ گبول برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو ڌرين وچ شهر ۾ هڪٻئي مٿان لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو، نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين جا 3 ڄڻا منٺار گبول، الھڏتو، سانول گبول زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.

هوڏانهن ھڪ ڌر پاران جروار ٿاڻي تي پهچي سانول گبول سميت 4 ڄڻن مٿان رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آھي.