بدين (رپورٽ: تنوير احمد) محتسب اعليٰ سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر منظور علي سومرو ٽريزري آفيس بدين ۾ کلي ڪچهري ڪري ٽريزري آفيس ۾ پينشن ايل پي آر جي پي فنڊ متعلق ملازمن جا مسئلا ٻڌا، جڏهن ته محتسب اعليٰ جي ريجنل ڊائريڪٽر جي بدين آمد جو ٻڌي پ ٽ الف جا اڳواڻن نور محمد سومرو، در محمد ڀرڳڙي، سليم ترڪ، رمضان جوڻيجو، اڪبر شاهه ۽ استادن ٽريزري آفيس پهچي آفيس جي چوديواري اندر احتجاج ڪندي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.
جڏهن ته ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر مختلف برانچن جي سب اڪائونٽنٽن ۽ ڪلارڪن ساجد خواجه، جاويد ھاليپوٽو ۽ سهيل ڪنڀار ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسرن خلاف سخت نعريبازي ڪندي الزام هنيو ته ٽريزري آفيس بدين ۾ رشوت جي بازار گرم آهن، ڪوبه جائز ڪم بنا پئسن جي نه ٿو ٿئي، اسٽئمپ پيپر بليڪ تي وڪرو ٿي رهيا آهن.
هنن الزام هنيو ته ٽريزري آفيس جي اهم سڻڀين پوسٽن پٽيوالا ۽ غير واسطيدار ماڻهو ويٺل آهن، جيڪي پنهنجي مرضي سان آفيس سان ايندا ويندا آهن، آفيس اچڻ ڪو ٽائم مقرر نه آهي، جنھن سبب سرڪاري ملازمن جا پينشن جي پي فنڊ ايل پي آر خريد وفروخت جا دستاويز ۽ فائل رولڙي جو شڪار آهن.
هنن مطالبو ڪيو ته ٽريزري آفيس مان ڪرپٽ عملي کي هٽائي رشوت جو آزار ختم ڪيو وڃي، استادن جي سخت احتجاج بعد ريجنل ڊائريڪٽر تنظيم جي عهديدارن کي گهرائي لکت ۾ شڪائتون ورتيون.
ان موقعي تي ڳالهائيندي ريجنل ڊائريڪٽر منظور علي سومرو چيو ته ھڪ ھفتي ۾ سمورا جائز مسئلا حل ڪيا ويندا. ھن چيو اڪثر دخواست گذارن جا مسئلا فنانس ڊپارٽمينٽ ۽ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ سان لاڳاپيل آهن، جيڪي ضلعي سطح تي حل ٿيڻ جوڳا نه آهن. انهي جي حل لاءِ فنانس ڊپارٽمينٽ ۽ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ کي خط لکيو ويندو. ھن وڌيڪ چيو ته ھر مھيني کلي ڪچھري ڪئي ويندي ته جيئن ماڻهن جا جائز مسئلا حل ٿين.
انهي موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر غلام قادر ڄامڙو چيو ته ڪافي درخواستون ايل پي آر متعلق به آھن، ايل پي آر جي ادائگي لاءِ اڳ جي مقابلي ۾ ھاڻي 45 سيڪڙو بجيٽ گھٽ ملي رهي آهي، جنهن سبب درخواست گذارن جو اننگ وڌي ويو آهي. ھن چيو ته محتسب اعليٰ جي سھڪار سان سمورن مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون وٺي رھيا آهيون.