news
بدين

پوليو مهم ۽ ڪووڊ ويڪسينيشن سميت صحت سان لاڳاپيل مسئلن جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم گڏجاڻي ٿي گذري: ڊپٽي ڪمشنر بدين

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) ڊپٽي ڪمشنر آغا شاهنواز خان چيو آهي ته صحت سان لاڳاپيل ڪافي مسئلا تعلقي سطح تي پڻ حل ٿي سگهن ٿا. انهي لاءِ لاڳاپيل تعلقي جا اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ تعلقه هيلٿ آفيسر ڪوششون وٺن، پوليو مهم ۽ ڪووڊ ويڪسينيشن سميت صحت سان لاڳاپيل مسئلن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي هال ۾ اهم گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پوليو مهم دوران بهتر رٿابندي سان سمورن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارا وڃن ڇو ته صحت مند ٻارڙا ئي بهتر مستقبل جو ضامن آهن.

هن چيو ته ڪووڊ ويڪسينيشن جي عمل ۾ اڳي کان وڌيڪ تيزي آندي وڃي ته جيئن هن وائرس مان جلد ڇوٽڪارو حاصل ٿئي. هن چيوته جن علاقن ۾ مليريا جا کيس وڌيڪ آهن. انهن علائقن ۾ مڇر مار اسپري کي وڌايو ويندو. صحت جي معاملن ۾ ڪوتاهي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي.

جڏهن ته ڪووڊ ويڪسينيشن جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر ڪامل ميمڻ گڏجاڻي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪووڊ ويڪسينيشن جو پهريون 3 لک 49 هزار 672، ٻيو ڊوز 1 لک 2 هزار 9 جڏهن ته سنگل ڊوز 18 هزار 226 ماڻهن کي لڳي ويا آهن.

جڏهن ته گڏجاڻي ۾ اي ڊي سي گدا حسين سومرو، ڊي ايڇ او فاروق لغاري، اين سٽاپ آفيسر ڊاڪٽر ڪريم بخش، گاڏاهي ضلعي بدين جي لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.