news
ڄامشورو

ڄامشورو ويجهو ڪي بي فيڊر ۾ وهجندي نوجوان ٻڏي فوت

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ڄامشورو شھر جي آر بي بي ڪالوني جو رهواسي 20 ورهين جو نوجوان اول نور پٺاڻ ساٿين سان گڏ ڪي بي فيڊر ۾ وهنجندي ٻڏي ويو، جنهن کي اتي موجود ماڻهن ڪڍي ورتو ۽ بيهوشي جي حالت ۾ لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن بعد قانوني ڪارروائي کان پوءِ نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي فوتي نوجوان جي وارٽن ۽ يار دوستن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو ۽ علائقي ۾ ڏک واري لهر پڻ ڇائجي وئي.