news
جيڪب آباد

جيڪب آباد ۾ پ پ شھيد ڀٽو پاران مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس کي ٻيهر کولڻ ۽ قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ احتجاج

جيڪب آبا (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ پ پ شھيد ڀٽو پاران مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس کي ٻيهر کولڻ ۽ قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ ھڪ احتجاجي جلوس نديم احمد قريشي، نور محمد منجھو، عبدالسميع سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ضلعي آفيس کان ڪڍيو ويو جلوس ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو کي ھڪ سازش تحت قتل ڪيو ويو پر ٻه ڏھاڪن کان مٿي جو عرصو گذري وڃڻ باوجود قاتلن کي گرفتار ناھي ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيس به ختم ڪيو ويو آهي، جيڪا سراسر زيادتي آهي.

ھنن مطالبو ڪيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس ٻيهر کوليو وڃي، جيئن مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، جيئن مير مرتضيٰ ڀٽو جي ناحق خون ۽ وارثن سان انصاف ٿي سگهي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.