جيڪب آباد ۾ جمس اسپتال انتظاميا جي نااهلي سبب عورت رڪشا ۾ ٻار کي جنم ڏنو

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي جمس اسپتال ۾ ميرپور ٻرڙو واسي عورت پرويزان کي وارث ويم لاءِ جمس اسپتال کڻائي آيا ته موجود ڊاڪٽر عورت کي داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن جي منٿون ڪرڻ باوجود جمس اسپتال انتظاميا عورت کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، ڳوٺاڻا عورت کي چينگچي رڪشا تي نجي اسپتال کڻائي وڃي رهيا هئا ته عورت رڪشا تي ٻار کي جنم ڏنو، جنھن سبب تازو ڄاول ٻارڙو فوت ٿي ويو.

ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻي جنسار احمد ٻڌايو ته ميرپور ٻرڙو کان عورت کي ويم لاءِ جمس اسپتال آندو ويو ته موجود ڊاڪٽر داخل ڪرڻ بجاءِ نجي اسپتال مان الٽرا سائونڊ ڪرائڻ لاءِ چيو، جنهن کي منٿون ڪيون ويون ته عورت جو ٻار پيٽ مان نڪرڻ وارو آهي، ان کي داخل ڪري عورت ۽ ٻار جي حياتي کي خطرو آهي، اھڙي منٿون ڪرڻ باوجود بيدخل ڪيو ويو، جمس اسپتال انتظاميا جي جواب بعد عورت کي نجي اسپتال کڻي وڃي رهيا ھئاسين ته عورت رڪشا تي ٻار کي جنم ڏنو بروقت داخل نه ڪرڻ سبب ٻار فوت ٿي ويو، عورت جي حالت خراب ٿي وئي آهي.

ھنن صوبائي وزير صحت کان مطالبو ڪيو ته ان معاملي جو نوٽيس وٺي ملوث ڊاڪٽر ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.