news

جيڪب آباد ويجهو ڪسٽم اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، ڪروڙين روپين جو سورهن مڻ ڏهه ڪلو چرس هٿ

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ويجهو ڪسٽم عملدارن ڪسٽم چيڪ پوسٽ تي ڪارروائي ڪندي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي، ڪسٽم جي عملدارن ھڪ ٽرڪ مان 16 مڻ 10 ڪلو چرس هٿ ڪري ورتو آهي، ھٿ ڪيل چرس جي ماليت 6 ڪروڙ کان مٿي جي ٻڌائي وڃي ٿي.

ان سلسلي ۾ ڪسٽم اختيارين جو چوڻ آهي ته منشيات اسمگلنگ جي خفيا اطلاع تي ڪسٽم چيڪ پوسٽ تي گاڏين جي تلاشي ورتي وئي ته ڊرائيور ٽرڪ ڇڏي فرار ٿي ويو، جنهن جي جي خفيا خانن مان تلاشي دوران 16 مڻ کان مٿي چرس هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت 6 ڪروڙ کان مٿي جي آهي.