news

جيڪب آباد پوليس جي ڪارروائي، سترهن ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي صدر پوليس ڳوٺ سھڻو رند ويجهو چيڪنگ دوران ھڪ ڪار مان تلاشي دوران 17 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس ھڪ جوابدار عبدالمجيد جت کي گرفتار ڪري ڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

ان سلسلي ۾ صدر پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته خفيا اطلاع تي چيڪنگ سخت ڪئي وئي، جنهن دوران بلوچستان کان سنڌ طرف ايندڙ ھڪ ٽويوٽا ڪار ۾ چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.