news

جيڪب آباد جي عدالت عورت جي زمين تي قبضي وارو ڪيس، ايم پي اي اسلم ابڙو خلاف اخبارن ۾ اشتهار ڇاپڻ جو حڪم

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي سيڪنڊ سينئر سول جج عتيق الرحمان جي عدالت عورت غلام سڪينا جي 15 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضي واري ڪيس ۾ بار بار نوٽيس جاري ٿيڻ باوجود پيش نه ٿيڻ تي اخبارن ۾ اشتهار ڇاپڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ان سلسلي ۾ عورت جي وڪيل رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته يوسي ڪريم بخش جي ديھ مُڪ ۾ ايم پي اي اسلم ابڙو عورت غلام سڪينا جي 15 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪري فارم ھائوس تعمير ڪرايو آهي عورت پاران عدالت ۾ اھڙي درخواست داخل ڪرائي وئي ھئي عدالت پاران ايم پي اي اسلم ابڙو کي پيش ٿيڻ لاءِ بار بار نوٽيسز جاري ڪيا ويا پر ان باوجود به ھو پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت اخبارن ۾ نوٽيس ڇاپڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.