news

ايس ايس پي جيڪب آباد پاران ڇهه مهينن جي ڪارڪردگي رپورٽ پڌري

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ پاران 6 مهينن جي ڪارڪردگي رپورٽ پڌري.

ايس ايس پي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪب آباد پوليس 42 مقابلن ۾ ٽن ڏوهارين کي ماري 7 کي زخمي ڪيو ۽ مجموعي طور 119 ڏوهارين کي جيل ڀيڙو ڪيو ويو آهي، 21 گينگز کي هٿيڪو ڪري قانون جي ڪهٽڙي آندو ويو ۽ جيڪب آباد، ٺل ۽ ڳڙهي خيرو ۾ مختلف پوليس ڪارروائين دوران 473 اشتهاري ۽ 1570 روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، غيرقانوني هٿيار رکندڙ خلاف سنڌ آرمز ايڪٽ ھيٺ 101 ڪيس داخل ڪري 98 جوابدارن کان ايل ايم جي، ڪلاشنڪوف، شارٽ گن، رائفلز، رپيٽرز، راڪٽ لانچر، راڪٽ شيل ۽ دستي بم سميت 137 هٿيار ۽ 361 گوليون هٿ ڪيون ويون آهن 6 مهينن اندر 18 مغوين کي پوليس مقابلن ۾ آزاد ڪرايو ويو ۽ 10 لک انعام يافته بدنام ڌاڙيل بخت علي عرف جميل کي ڪلاشنڪوف سميت گرفتار ڪيو ويو، منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ 103 ڪيس داخل ڪري وڏي مقدار ۾ چرس، ڀَنگ، آفيم، آئيس، گٽڪو ۽ شراب هٿ ڪئي وئي آهي.