جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ويجهو دادپور جاگير واسي نوجوان واجد علي جکراڻي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته منهنجي دادپور جاگير ۾ يار محمد يارواڻي جي نالي سان زمين هئي، جنهن جا کاتا چاچن پاران روينيو کاتي جي تپيدار معرفت رشوت ڏيئي تبديل ڪري زمين وڪرو ڪري ڇڏي ۽ هاڻي جيڪا بچيل زمين آهي، ان تي سوٽن احمد ڪريم، علي حسن ۽ بينڪ ملازم ضمير خان جو قبضو آهي، حق گهرڻ تان منهنجي ڏاڏيءَ ۽ چاچيءَ کي به قتل ڪيو ويو آهي ۽ اسان کي به موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.
هنن انصاف لاءِ اعليٰ اختيارين وٽ پنڌ ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان. ھن چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آهي ته نوٽس وٺي مون سان حق ڪيو وڃي.