news

جيڪب آباد ويجهو سڱاوتي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، پنج ڄڻا زخمي

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ويجهو صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد عثمان ڀٽي ۾ سڱاوتي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ھڪٻئي مٿان لٺين مڪن ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنھن جي نتيجي ۾ شبير احمد ڀٽي، علي گل ڀٽي، لکمير ۽ بقا محمد ڀٽي سوڌو 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته علائقي وارن وچ ۾ پئي جھيڙو ٽاريو ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.

ان سلسلي ۾ صدر پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو زخمي ٿيل ڌر شبير احمد ڀٽي پنهنجي ڌيءَ وٺڻ ويو ته ناٺي ڌر وارن سندس حملو ڪري ڏنو، جنھن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي ميڊيڪل لاءِ ليٽر ڏئي اسپتال روانو ڪيو ويو، ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ اچڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.