جيڪب آباد ويجهو رستي جي لنگهه جي معاملي تان جهيڙو، ڏهه ڄڻا زخمي

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڊاڪٽر ارشاد سرڪي ۾ منظور سرڪي ۽ امين سرڪي جي ڌرين ۾ رستي جي لنگهه جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڌرين ھڪٻئي مٿان لٺين، مڪن ۽ سروٽن سان حملو ڪري ڏنو، جنھن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 10 ڄڻا منظور احمد، صوبو خان، شاھد علي، ساجد علي، عنايت الله، محمد علي، ساگر علي سرڪي ٻي ڌر جا سھيل احمد، ڌڻي بخش، وقار سرڪي سخت زخمي ٿي پيا.

جڏهن ته جھيڙي سبب علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو، اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جھيڙي تي ضابطو آڻي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي، جھيڙي ۾ ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ان سلسلي ۾ آباد پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب ته سرڪي برادري جا ٻئي ڌريون گھٽي جي لنگهه جي معاملي تي وڙهي پيون آهن، وڌيڪ اڃان جاچ ڪيون پيا، زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي، اسپتال منتقل ڪيو ويو، ميڊيڪل اچڻ بعد وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.