news

ڊي آءِ جي جاويد عالم اوڍو جي ڀاءُ محمد پناهه اوڍو کي لڙڪن ۽ سڏڪن سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي صدر ۽ اڳوڻي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين اوڍا برادري جي چيف سردار محمد پناهه خان اوڍو جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ محمد پور اوڍو ۾ پڙھائي وئي، نماز جنازہه وڏي فرزند سردار زادہ علي احمد خان اوڍو پڙھائي وئي.

جڏھن ته جنازي نماز ۾ صوبائي صلاڪار مير اعجاز خان جکراڻي، سردار غوث بخش خان مھر، ايم پي اي مير ممتاز خان جکراڻي، پ پ ضلعي صدر مير لياقت لاشاري، مير علي نواز خان پنهور، ڊي آءِ جي سردار زاده جاويد عالم اوڍو، مير باز خان بروھي، سردار نورالرحمٰن خان جکراڻي، مير نصراللہ قمبراڻي، سردار عبدالنبي خان ٿھيم، مير عبدالغفار ٿھيم، ڊي آءِ جي سبي بلوچستان پرويز احمد چانڊيو، مير فائق خان جمالي سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي. مرحوم کي ھزارين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

جڏھن ته مرحوم سردار محمد پناهه خان اوڍو جي تڏي تي سوين معززين ۽ مختلف مڪتبهءِ فڪر جي ماڻھن پاران تعزيتن جو سلسلو جاري آھي.