news

جيڪب آباد جي عدالت غيرقانوني طور پاڪستان ۾ ترسيل پنج افغاني شھرين کي ھڪ مھينو قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت غيرقانوني طور پاڪستان ۾ ترسيل 5 افغاني شھرين بھادرزئي، سليمان، عبدالنافح، حڪيم ۽ رفعت الله کي ھڪ مھينو قيد ۽ پنج پنج ھزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ افغاني شھري وڌيڪ 15 ڏينهن سزا ڀوڳيندا. جڏهن ته عدالت پاران سزا پورو ٿيڻ بعد غيرقانوني طور پاڪستان ۾ داخل ٿيل 5 افغان شھرين کي پنهنجي ملڪ واپس موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته 29 آگسٽ تي صدر پوليس شنبي شاهه چوڪي وٽ گاڏين جي تلاشي دوران 5 افغانين کي گرفتار ڪري سرڪار جي فرياد تي فارن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ھو.