پنوعاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) دادلو لڳ قومي شاھراهه تي تيز رفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي سميت 2 ڄڻا چيباٽجي فوت ٿي ويا، حادثي جو اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ايڌي جا رضاڪار پھچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال پنوعاقل پھچايا. جڏهن ته فوتين ۾ 7 ورھين جي فرزانه اوڏ، بيربل اوڏ ۽ سڌير اوڏ شامل آھن.
جڏهن ته حادثي بابت دادلو پوليس جو چوڻ آھي ته اوڏ برادري جا ماڻھو مختلف گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن تي صادق آباد کان سڪرنڊ وڃي رھيا ھيا ته موٽرسائيڪل حادثي جو شڪار ٿي، ٻڌايو پيو وڃي ته اوڏ برادري جو تعلق سڪرنڊ شھر سان آھي، جيڪي مزدوري ڪري واپس پنھنجي شھر وڃي رھيا ھيا. ٻي طرف فوتين جا لاش پنوعاقل تعلقه اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.
ھوڏانھن دادلو پوليس ٽرالر کي حراست ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آھي.