شھدادپور لڳ ٽرين جي ٽڪر ۾ مزدور فوت

news-details

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور لڳ شاھپور چاڪر ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان ڳوٺ غلام حسين چانڊيو واسي 50 ورهين جو پورهيت باغ علي چانڊيو ڊائون بابا فريد ايڪسپريس جي زوردار ٽڪر لڳڻ ۾ فوت ٿي ويو.
جڏهن ته وارثن ٻڌايو ته پيرسن مزدوري لاءِ بٺي تي ويندي اوچتو ريل گاڏي جي زد ۾ اچي فوت ٿيو آهي، فوتي پورهيت جو مڙهه سمس اسپتال شھدادپور منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.