جيڪب آباد پوليس جي ڪارروائي، غيرملڪي دوائون وڏي مقدار ۾ ھٿ جي دعويٰ

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) سٽي ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي وڏي مقدار ۾ غيرملڪي دوائون پڪڙڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس ترجمان موجب ته سٽي پوليس گشت دوران پٿر موڙ وٽ لاوارث حالت ۾ اسمگل ٿيل دوائون جن مان 7 ھزار چائنه جون انجيڪشنون ۽ 40 ھزار گوريون ھٿ ڪيون ويون آهن، جيڪي ڪارروائي بعد ڪسٽم عملدارن جي حوالي ڪيون ويون آهن. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته سٽي پوليس غيرملڪي دوائن سميت ٻه ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو ھو، جڏھن ته ڏيتي ليتي بعد جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو آهي.
ھوڏانھن پوليس پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ ٻه مختلف موقف اختيار ڪيا وي ھڪ جڳهه تي لکيو ويو ته لاوارث حالت ۾ دوائون مليون آهن، جڏهن ته ساڳئي پريس رليز ۾ اھو ڄاڻايو ويو ته چيڪنگ دوران غيرملڪي دوائون ھٿ ڪيون ويون آهن.