زراعت واري صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ کليل ڪچهري ڪري آبادگارن جا مسئلا ٻڌا

news-details

ڪراچي: زراعت واري صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ کليل ڪچهري ڪري آبادگارن جا مسئلا ٻڌا، منظور وساڻ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پنهنجي آفيس ۾ ڪيل کليل ڪچهري ڪري آبادگارن جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن مسئلن کي حل ڪرائڻ جو يقين ڏياريو، کليل ڪچهري دوران آبادگارن پاڻي جي کوٽ، زرعي ڀاڻ ۽ زرعي شين جي اگهن ۾ واڌ سميت زراعت سان لاڳاپيل مسئلا ٻڌايا.
کليل ڪچهري دوران ڳالهائيندي صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ڏئي رهيو آهي، جنهن سان سنڌ جي زراعت تباهه ٿي رهي آهي ۽ آبادگار اربين روپين جي نقصان کي منهن ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته تازو ئي وفاقي حڪومت بصر جو فصل لهڻ کان پوءِ بصرن جي ايڪسپورٽ تي پابندي هنئي آهي، جنهن کي سنڌ حڪومت رد ڪري ڇڏيو آهي.
منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين سان سنڌ جي زراعت تباهه ٿي رهي آهي، ملڪ جي معيشت جو وڏو حصو زراعت مان اچي ٿو پر وفاقي حڪومت زراعت دشمن فيصلا ڪري رهص آهي، جنهن سان نه صرف آبادگارن جو نقصان ٿي رهيو آهي پر ملڪي معيشت کي به نقصان ٿي رهيو آهي.