اڳڙا (رپورٽ: غلام رسول ڪلھوڙو) گمبٽ ڀرسان قومي شاهراهه تي پپري موڙ وٽ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار پير ڳوٺ واسڻ 45 سالا عورت نالي رشيدهه زال روشن ملاح فوت ٿي وئي، جڏھن ته 7 سالا نينگري ۽ ھڪ نوجوان زخمي ٿي پيا.
جڏهن ته گمبٽ پوليس فوتڻ عورت جو لاش ۽ زخمين کي گمس اسپتال پھچايو، جتي زخمين جو علاج جاري آهي، گمبٽ پوليس ڪارروائي ڪندي ٽرالر ڊرائيور سمير نيازي کي گرفتار ڪري ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.