ڀارتي فوج جي عورت ليفٽيننٽ ڪرنل آپگهات ڪري ڇڏيو

news-details

مهاراشٽرا: (خميس 14 آڪٽوبر 2021ع) ڀارت ۾ عورت ليفٽيننٽ ڪرنل ٽريننگ اسڪول ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب 43 ساله عورت ليفٽيننٽ ڪرنل مهاراشٽرا رياست ۾ ملٽري انٽيليجنس ٽريننگ اسڪول ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو.
عورت ليفٽيننٽ جي لاش ٽريننگ اسڪول جي ڪمري مان هٿ آئي جتي هن ڳچي ۾ رئو وجهي آپگهات ڪري ڇڏيو. پوليس موجب عورت ليفٽيننٽ جو تعلق اتر کنڊ سان آهي ۽ ان کي جي پور ۾ مقرر ڪيو ويو هو.
عورت ليفٽيننٽ جي شادي به ڪرنل رينڪ جي آفيسر سان ٿي هئي جنهن سان طلاق بابت معاملا هلي رهيا هئا. ان حوالي سان ڀارتي پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عورت ليفٽيننٽ آپگهات پنهنجي گهريلو مسئلن سبب ڪيو آهي پر ان حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.