news-details

صوبائي وزير سيد ضياءَ عباس شاهه جي جيڪب آباد ۾ کليل ڪچهري، شهرين پاران شڪايتن جا انبار

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي ڊي سي آفيس جي لان ۾ پيپلزپارٽي پاران صوبائي وزير سيد ضياءَ عباس شاهه ۽ خاص مددگار محمد آصف جي سربراهي ھيٺ کليل ڪچهري منعقد ڪئي وئي.
جڏهن ته کليل ڪچھري ۾ شھرين شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، سماجي اڳواڻ عبدالحئي سومرو شڪايت ڪندي چيو ته جمس اسپتال ۽ سول اسپتال ۾ شھرين کي علاج جي سھولت فراھم نه پئي ڪئي وڃي، سول اسپتال ۾ سور جي گوري لاءِ به مريض کي ٻاھر پرچو لکي ڏنو ٿو وڃي، جمس اسپتال ۾ پنج سال گذري وڃڻ باوجود ايمرجنسي وارڊ قائم ناهي ٿي سگهيو، سول اسپتال جي ڊاڪٽرن کي ڊيپوٽيشن تي ٻي ھنڌ موڪليو ويو آهي، جنهن سبب علاج لاءِ ايندڙ شھري ڏکيائي کي منهن ڏئي رهيا آهن.
پيپلزپارٽي ھاري ڪميٽي جي ڊويزنل صدر ديدار جکراڻي آبپاشي کاتي جي ڪرپشن خلاف دانھون ڪندي چيو ته شاخن جي کاٽي لاءِ ايندڙ ڪروڙين روپيا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن، آبپاشي کاتي جا عملدار صرف ڪرپشن ڪرڻ ۾ رڌل آهن، کاٽي نه ٿيڻ سبب آبادگار ۽ ھارين کي ڪروڙين روپين جو نقصان پھچي ٿو.
بيواهه عورت پروين شيخ دانھيندي چيو ته منهنجو مڙس پنج سال اڳ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو آهي، مون کي نه رٽائرمينٽ مليو آهي نه ئي پگهارون ڏنيون وڃن ٿيون ٽي ايم او ڪنڌڪوٽ وٽ ڌڪا کائي کائي دربدر ٿي ويا آهيان، عورت زرينا شڪايت ڪندي دانھيو آهي ته منھنجي ڏيرن زمين تي قبضو ڪيو آهي، جنهن سبب منھنجا ٻچا سخت تڪليف ۾ آھن، نوٽيس وٺي زمين واپس ڪرائي ڏني وڃي.
صوبائي وزير آڏو عورت انجم آره دانھيندي چيو ته پيءُ جي اڪلوتي ڌيءَ آھيان، ڪوٽ جنگو جي علائقي ۾ 750 جريب زمين تي بااثر قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، پاڻي مھيا ڪندڙ واھه به پوريو ويو آهي، جنهن سبب زمين غيرآباد بڻجي وئي نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.
شھر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف محمد علي ابڙو شڪايت ڪندي دانھيو ته ٻه موٽرسائيڪلون چوري ٿي ويون آهن، ڪيترائي ڀيرا ايس ايس پي کي شڪايت ڪئي وئي پر موٽرسائيڪل اڃان واپس ناھن ٿيون، صوبائي وزير جي پڇاڻي تي ايس ايس پي نوجوان کي نئون موٽرسائيڪل ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
نوجوان برڪت علي لاشاري شڪايت ڪندي چيو ته جمس اسپتال مان بلاوجه سيڪيورٽي گارڊ مان ھٽايو ويو آهي، جنهن سبب بيروزگار ٿي ويو آهيان، ٻچا بک تي بيحال ھوندا آھن، نوڪري تي بحال ڪيو وڃي، ھٿن ۽ پيرن کان معذور بڻيل رستم صوبائي وزير ضياءَ عباس شاهه آڏو شڪايت ڪندي دانھيو آهي ته معذور ھئڻ باوجود عشر و زڪوات وارا مستحق ڪارڊ نه ٿا ٺاهي ڏين معذورن لاءِ ايندڙ فنڊس ڪامورا کائي ٿا وڃن، معذور ڪوٽا تحت نوڪرين کان به محروم آهيون، فنڊس ۽ نوڪريون ڏنيون وڃن، شھرين گل بليدي، طفيل احمد لاشاري شڪايت ڪئي ته شھر جا روڊ رستا ٽُٽل آھن، روڊن جي تعمير لاءِ ايندڙ ڪروڙين روپيا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن، شھر ۾ صفائي نه ٿيڻ سبب ھر ھنڌ گندگي پکڙيل آهي، نااهل ايڊمنسٽريٽر ۽ سي ايم او سبب گندو پاڻي روڊن تي بيھڻ روز جو معمول بڻيل آهي، جنهن سبب مختلف بيماريون پيدا ٿين ٿيون نوٽيس وٺي روڊ رستا تعمير ڪرايا وڃن، شھر جي صفائي جو نظام بهتر بڻايو وڃي. ھنن وڌيڪ به چيو ته جيڪب آباد جا نوجوان ميڊيڪل ڪاليج ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽي کان محروم آهن، ڪيترائي نوجوان غربت سبب سليڪشن ٿيڻ باوجود ٻين شھرن ۾ تعليم پرائڻ نه ٿا وڃي سگهن، جيڪب آباد جي نوجوانن کي يونيورسٽي ڏني وڃي جيئن ھو اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن.
جڏهن ته لوئر اسٽاف جي اڳواڻ طارق لغاري شڪايت ڪندي چيو ته گذريل چار سالن کان لوئر اسٽاف جي ٽائيم اسڪيل جي سمري وڏي وزير جي ٽيبل تي پيل آهي پر ان سمري کي پاس نه ٿو ڪيو وڃي سمري کي پاس ڪيو وڃي، جيئن لوئر اسٽاف کي ٽائيم اسڪيل ملي سگهي، ھن چيو ته ناڻي کاتي جيڪب آباد جا عملدار لوئر اسٽاف جي عملي کي بجيٽ ۾ وڌايل واڌو پگهارن کان کتو جواب ڏنيون ويٺا آهن، انھن کي واڌو پگهارون ڏيڻ لاءِ ھدايت جاري ڪيا وڃن.
ھندو جنرل پنچائت جي اڳوڻي صدر بابو مھيش کرانه شڪايت ڪندي چيو ته 7 سالن کان لال چند سيتلاڻي پنچائت تي قابض بڻيل آهي ڊي سي جيڪب آباد ۽ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي کي به ڪافي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن پر ان باوجود به اليڪشن نه ٿي ڪرائي وڃي ان کي پابند بڻايو وڃي ته پنچائت جو اليڪشن ڪرائي، اھڙي شڪايت تي ڊي سي ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال ڪاوڙ ۾ اچي جواب ڏنو ته آئون يا صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي تنهنجي لاءِ بندوق کڻي ته نه وڙھنداسي اوھان عدالت ويا آهيو ھاڻي اسان ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون.
کليل ڪچهري ۾ ايم پي اي ڊاڪٽر سھراب سرڪي، ايم پي اي ممتاز جکراڻي، ايم پي اي اسلم ابڙو، ڊي سي ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال، ايس ايس پي شمائل رياض ملڪ سميت ضلعي جا ٻيا آفيسر به موجود ھئا.
ان موقعي تي صوبائي وزير ضياءَ عباس شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايتن تي کليل ڪچهري ڪئي وئي، آهي کليل ڪچهري ۾ ڪجهه مسئلا موقعي تي حل ڪيا ويا آهن، باقي ٻين شھرين جا مسئلا ٻڌا ويا جلد انهن جو ازالو ڪيو ويندو، جيڪب آباد جي نوجوانن کي يونيورسٽي ڏيڻ لاءِ وڏي وزير کي گذارش ڪئي ويندي جيئن ھتان جا نوجوان بھتر تعليم حاصل ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن.
ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته منهنجي وزارت ھيٺ جيڪب آباد ۾ ڏيڍ ارب روپين جا ترقياتي ڪم ھلي رھيا آھن جلد ٻه ارب روپين جي ترقياتي ڪمن جا فنڊس ڏنا ويندا، پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي، جيڪا عوام جي اھنجن جا درد ڄاڻي ٿي جلد سڀ مسئلا حل ڪيا ويندا.