جيڪب آباد: ٻارهن ربيع الاول جي مرڪزي ڪيمپ ۾ گئس سلينڊر ڦاٽي پيو، ھڪ ڄڻو زخمي

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ 12 ربيع الاول بابت ڊي سي چوڪ تي قائم مرڪزي ڪيمپ ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو سجاد علي ٽالاڻي سڙي زخمي ٿي پيو، زخمي نوجوان کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.
جڏهن ته باھه لڳڻ سبب ڪيمپ ۾ لڳل ٽينٽ ۽ شاميانو به سڙي ويو، نوجوان کي طبي امداد ڏني وئي، اھڙي خبر بعد اھلسنت جا اڳواڻ ڪيمپ تي پھچي نوجوان جي عيادت ڪئي، ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل نوجوان جو چوڻ هو ته چانهه تيار ڪرڻ لاءِ سلينڊر کي باهه ڏني وئي ته ھو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو.
ان موقعي تي اھلسنت جي اڳواڻ سيد اعجاز علي شاهه ڳالھائيندي چيو ته گئس دڪان جي مالڪ کي شڪايت ڪئي وئي ته گئس جي ٽوئنٽي خراب آهي اھو بدلائي ڏيو پر انهن ڳالھه کي اھميت نه ڏني، جنهن سبب ڌماڪي جو واقعو پيش آيو.