news-details
جيڪب آباد

جيڪب آباد جي عدالت ٽيهه مڻ چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدلنبي مگسي) جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت 30 مڻ چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي بلوچستان واسي ٻن جوابدارن گل شاھه ۽ محمد رسول کي عمر قيد 3/3 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ قيد جي سزا ڀوڳيندا.
واضح رهي ته ھڪ سال اڳ صدر پوليس شنبي شاهه چوڪي وٽ تلاشي دوران ھڪ مزده مان 30 مڻ چرس هٿ ڪري ورتو ھو، صدر ٿاڻي تي ايس ايڇ او ھدايت الله بجاراڻي جي فرياد تي ٻن جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن ڪيس جو ڪالهه عدالت فيصلو ٻڌائي جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، سزا اچڻ بعد جوابدارن کي سکر جيل منتقل ڪيو ويو آهي.