جيڪب آباد جي عدالت ست سئو ٻوريون سپارين جي ڪيس ۾ پنجاب واسي ٻن جوابدارن کي ھڪ سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي فرسٽ اسسٽنٽ سيشن جج جي عدالت 700 ٻوريون ۽ سپاريون غيرقانوني طور کڻي وڃڻ جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي پنجاب واسي ٻن جوابدارن فياض احمد بھڪ ۽ نديم دامراهه کي ھڪ ھڪ سال قيد ۽ ٻه ٻه لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ قيد جي سزا ڀوڳيندا.
واضح رهي ته 2020 ۾ صدر پوليس شنبي شاهه چوڪي وٽ بلوچستان کان ڪنٽينر ۾ غيرقانوني طور کڻي ايندڙ 700 ٻوريون سپاريون پڪڙي جوابدارن خلاف سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ھو.