news-details
ٽنڊو محمد خان

ٽنڊو محمد خان ۾ لغڙ اڏائيندي نينگر ٻن ماڙ عمارت تان ڪري فوت

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان جي چاندني چوڪ محلي ۾ لغڙ اڏائيندي ست سالن جو معصوم عبدالرحمن ولد عدنان گدي پٺاڻ ٻن ماڙ عمارت تان ڪري سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي سول اسپتال آندو ويو، جتي ھو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو.
ياد رھي ته ٽنڊو محمد خان ۾ ھي ٻيو واقعو پيش آيو آھي، ٻي طرف شھرين انتظاميا کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور تي شھر مان لغرن جا گدام ۽ دڪان بند ڪرائيا وڃن ته جيئن اھڙا واقعا پيش نه اچي سگھن.