news-details
ڄامشورو

ڄامشورو جي ٽيليڪام انجنيئرنگ شعبي پاران آءِ اي اي اي جو ڏهاڙو ملهايو ويو

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي ٽيليڪام انجنيئرنگ شعبي پاران آءِ اي اي اي (IEEE) جو ڏهاڙو واٽر سينٽر جي مکيه آڊيٽوريم ۾ ملهايو ويو. آءِ اي اي اي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٽيليڪام انجنيئرنگ شعبي پاران لاڳاپيل فئڪلٽي جي شاگردن جي تربيت لاءِ هڪ ڏينهن جو سيمينار منعقد ڪيو ويو.
سيمينار کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته شاگردن کي تبديل ٿيل دنيا جي گهرجن موجب تياري ڪرڻي پوندي. هن چيو ته صرف سٺيون مارڪون کڻڻ سان روزگار ملڻ وارو دور ويو هليو، هاڻي انجنيئرن کي وڌيڪ تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر اسلم عقيلي چيو ته مهراڻ صرف ڊگري وارا انجنئير نه پر سٺا انجنئير پيدا ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي.
سيمينار کي خطاب ڪندي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڳالهائڻ، پنهنجي تيار ڪيل پراجيڪٽس، نقشن ۽ سافٽ ويئرز وغيره کي مارڪيٽ ۾ کپائڻ جو هنر به اچڻ گهرجي. ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته ڪلاس روم ۽ يونيورسٽي جي پڙهائي شاگردن کي زندگي گذارڻ جو فن سيکاري ٿي. هن چيو ته شاگردن کي هڪٻئي کي سمجهڻ، گڏ رهڻ ۽ برداشت ڪرڻ جي سکيا يونيورسٽي ۾ ملي ٿي. هن چيو ته ڪامياب ڪيرئير ۽ ڪامياب زندگي لاءِ شاگردي جي زماني کان تياري ڪرڻ گهرجي ته هڪ شاگرد کي ٿيڻو ڇا آهي.
ان موقعي تي پروفيسر ڀواني شنڪر ڳالهائيندي چيو ته هن قسم جا پروگرام شاگردن کي پنهنجي استادن، وڏن ۽ رول ماڊلس کان مثالي ڳالهيون سکڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا. پروفيسر ڀواني چيو ته شاگردن کي هاڻي کان ئي پنهنجي منزل ۽ مقصد طئه ڪرڻو پوندو، ڪاميابي لاءِ محنت ۽ تخليقي ذهانت ضروري آهي.
تقريب کي ڊاڪٽر ابي وقاص ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
ان کان اڳ مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي آءِ اي اي اي مهراڻ يونيورسٽي برانچ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏجي آءِ اي اي اي ڏهاڙي جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو.