news-details
جيڪب آباد

جيڪب آباد ۾ گھريلو اڻبڻت تان ڏير پاران ڀاڄائي تي تيزاب اڇلائڻ وارو مامرو، ڪيس داخل

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد ميڊيسن مارڪيٽ ۾ جوابدار ڀيشم لعل پاران گهريلو اڻبڻت تان ڀاڄائي شيواني عرف ريٽا تي تيزاب اڇلائڻ بعد زخمي ٿيل عورت جي حالت نه سڌري آهي، متاثره عورت جي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ بدستور علاج جاري آهي.
جڏهن ته جوابدار ڀيشم لعل کي بچائڻ لاءِ خاندان جا ماڻهو معاملي کي لئه مٽي ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن، چار ڏينهن گذرڻ باوجود به جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي ڪير ناهي پھتو جڏھن ته عورت مٿان تيزاب اڇلائڻ واري واقعي بعد وارثن جي نه اچڻ کان پوءِ سٽي ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي سب انسپيڪٽر سڪندر ڀٽو جي مدعيت ۾ جوابدار ڀيشم لعل خلاف پنهنجي ڀاڄائي شيواني عرف ريٽا عرف انمول کي قتل ڪرڻ جي ارادي سان تيزاب اڇلائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، سب انسپيڪٽر ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته جاسوسي ذريعي معلوم ٿيو ته جوابدار ڀيشم پنهنجي ڀاڄائي کي قتل ڪرڻ لاءِ تيزاب اڇلايو آهي، واقعي بعد وارث متاثرہ عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي کڻائي ويا، وارثن کي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڪال ڪيا ويا پر ھو ڪو نه آيا.
جڏھن ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد ايس ايڇ او سٽي متاثره عورت کان ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ پھچي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو، عورت وڊيو بيان رڪارڊ ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ڏير ڀيشم لعل اڳ جھيڙو ڪندو رھندو ھو پر ڪجهه عرصي کان وٺي ان جو مون سان رويو بھتر ھو پر بعد ۾ ھن اوچتو مون مٿان تيزاب اڇلايو آهي، خبر ناهي ته ان اھڙو قدم ڇو کنيو اھو ڏير ئي ٻڌائي سگهي ٿو.
ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سٽي عبدالجھانگير مٺياڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورت شيواني عرف ريٽا عرف انمول تي ڏير ڀيشم لعل پاران چار ڏينهن اڳ تيزاب اڇلايو ويو، بار بار رابطي باوجود وارث ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائي رھيا آھن، جنهن بعد واقعي جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد گھڻ رخي جاچ ڪئي پئي وڃي ته واقعي جو ڪارڻ ڇا آھي جلد معاملي تائين پھچي حقيقتون سامهون آندو ويندو.