news-details
ڄامشورو

ڄامشورو: سي آر ڊي سي ڊپارٽمينٽ جي ليڪچرار پاران شعبي جي ڊائريڪٽر مٿان شاگردن جي سامهون ڪلاس روم ۾ حملو، احتجاجي مظاهرو

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سي آر ڊي سي جي ليڪچرار پاران شعبي جي ڊائريڪٽر مٿان شاگردن سامهون ڪلاس روم ۾ حملو ڪري کيس لتن، مڪن ۽ ٿپڙون وهائي ڪڍيون، جنهن تي شعبي جي استادن ۽ ملازمن ڊائريڪٽر جي حمايت ۾ ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ۽ شعبي جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
سنڌ يونيورسٽي جي سينٽر فار رورل ڊولپمينٽ ڪميونٽي جي ليڪچرار ساره شيخ گذريل ڏينهن يونيورسٽي نه اچڻ تان غير حاضر ڄاڻائڻ تي مڇرجي هلندڙ ڪلاس دوران سينٽر پهچي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر بشير ميمڻ تي مڪن ۽ لتن جو وسڪارو لائي ڏنو ۽ حاضري رجسٽر ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، اهڙي واقعي خلاف سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ۽ سينٽر فار رورل ڊولپمينٽ ڪميونٽي جي استادن ۽ شاگردن احتجاج ڪندي ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ عمارت جي مک دروازي وٽ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ استادن ڊاڪٽر محمد صديق سومرو، ڊاڪٽر سيد وجاهت علي شاهه، ڊاڪٽر عبدالرزاق ڇڇر ۽ شاگردن جو چوڻ هو ته هلندڙ ڪلاس دوران هڪ ليڪچرر پاران اسان جي معزز استاد جي حملو ڪيو ويو آهي، جنهن اڳ ۾ به استادن، ملازمن توڙي شاگردن سان جهيڙا ڪيا آهن، ان ڪري حملو ڪندڙ ليڪچرر ساره شيخ کي فوري طور هٽايو وڃي ۽ مامري جي جاچ ڪرائي وڃي. جڏهن ته ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر بشير ميمڻ جو چوڻ هو ته عورت ٽيچر غير حاضر ڪرڻ ۽ ڪلاس وٺڻ جو چوڻ تي عورت استاد مڇرجي هلندڙ ڪلاس ۾ شاگردن آڏو مون مٿان حملو ڪيو ۽ گارگند ڪئي.
ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي سنڌيونيورسٽي جي رجسٽرار غلام محمد ڀٽو ٻڌايو عورت استاد کي معطل ڪري واقعي جي جاچ لاء انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي ڪميٽي جي رپورٽ تي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.