news-details

جيڪب آباد ۾ ڏير پاران ڀاڄائي تي تيزاب اڇلائڻ وارو مامرو، پوليس جوابدار جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد ميڊيسن مارڪيٽ واسڻ عورت شيواني عرف ريٽا تي تيزاب اڇلائي زخمي ڪندڙ ڏير جوابدار ڀيشم لعل کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس گرفتار ٿيل جوابدار کي فرسٽ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو پوليس جوابدار جي 14 ڏينهن جي ريمانڊ ڏيڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي استدعا ڪئي، عدالت پوليس جي درخواست منظور ڪندي جوابدار کي چار ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جوابدار ڀيشم لعل پوليس آڏو اعترافي بيان رڪارڊ ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ڀاڄائي منهنجي شادي ۾ رڪاوٽ بڻيل ھئي ھفتي ۾ شادي جو پروگرام رکيل ھو شادي جي لاءِ خريداري ڪرڻ چاهيان پيو پر ڀاڄائي شيواني عرف ريٽا ڀاءُ کي ورغلائيندي ھئي جنھن خريداري لاءِ پئسا نه ڏنا جنهن ڪاوڙ ۾ اچي ڀاڄائي تي تيزاب اڇلايو آهي.
ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سٽي عبدالجھانگير مٺياڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڀاڄائي تي تيزاب اڇلائي زخمي ڪندڙ جوابدار ڀيشم لعل جي گرفتاري ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جوابدار جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ٿيل آهي جاچ ڪيون پيا جوابدار کي 20 آڪٽوبر تي ٻيھر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.