ڪراچي: سنڌ جي بلديات، رورل ڊولپمينٽ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ غيرقانوني اڏاوتن جي حوالي سان اهم اجلاس اڄ بلديات کاتي جي آفيس ۾ڪوٺايو ويو.
اجلاس ۾ سنڌ جي بلديات کاتي جي سيڪريٽري نجم شاهه، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر اسد الله خان، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي سليم رضا ۽ بلديات کاتي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، واٽر بورڊ، ضلعي انتظاميا جي آفيسرن ۽ پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي بلديات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه هدايتون ڏيندي چيو ته غيرقانوني اڏاوتن کي سيل ۽ ڊيمالش ڪيو وڃي ۽ سيل ڪيل غيرقانوني اڏاوتن جي سيل ٽوڙيندڙن خلاف ايف آءِ آر درج ڪئي وڃي. هن چيو ته کاتن ۾ موجود ڪارين رڍن جيڪي ڪرپشن ۾ ملوث هوندا انهن کي معاف نه ڪيو ويندو.
سيد ناصر حسين شاهه چيو ته وزيراعليٰ سنڌ جون واضح هدايتون آهن ته غيرقانوني اڏاوتن پراپرٽي مالڪن سان گڏ جيڪڏهن ڪوبه سرڪاري عملي جو ماڻهو ملوث ثابت ٿيو ته هن جو نالو به ايف آءِ آر ۾ درج ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته غيرقانوني اڏاوتن کي هر صورت ۾ ۽ بغير ڪنهن دير ڪرڻ جي ڪيرايو وڃي ۽ ان مقصد جي لاءِ ضروري عملي جون ڊيوٽيون لڳايون وڃن اجلاس ۾ هدايت ڪئي وئي ته غيرقانوني اڏاوتن جي سيل کي ٽوڙيندڙن يا ٽيمپر ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. بلديات کاتي واري صوبائي وزير توجهه ڏياريو ته غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته لاڳاپيل آفيسر ذميوار هوندو، هن هدايت ڏني ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا آفيسر، پوليس ۽ ضلعي انتظاميا سان مڪمل رابطي ۾ رهن.
اجلاس ۾ هدايت ڪئي وئي ته غيرقانوني طور تي تعمير ڪيل عمارتن تي قبضو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ هدايت ڪئي ته ڏکڻ ۽ سينٽرل ضلعن ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف هلندڙ ڪارروائي کانپوءِ پوري شهر جي ٻين ضلعن ۾ آپريشن ڪيو ويندو.
سيد ناصر حسين شاهه واضح ڪيو ته غيرقانوني اڏاوتن ۾ ملوث ماڻهو چاهي هو ڪير به هجن هو قانون جي گرفت ۾ آندا وڃن. هن چيو ته غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪاررواين جي هو خود نگراني ڪندو ۽ جيڪو به غيرقانوني اڏاوتن ۾ ملوث هوندو اهو قانون جي گرفت کان بچي نه ٿو سگهي.