نئون ديرو: اسٽيپ فائونڊيشن طرفان آءِ بي اي جي زيادتين خلاف احتجاج

news-details

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) سکر کان اسٽيپ فائونڊيشن طرفان تعليم کاتي ۾ جي اي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي ۾ ڀرتيءَ لاءِ آءِ بي اي جي ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن جو سکر کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو تائين هٿن ۾ پينا فليڪس ۽ بينر کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي شهيدن جي مزارن آڏو پهچي مطالبن جي حق ۾ ڇتي نعريبازي ڪئي وئي. ريلي جي اڳواڻي اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن شائسته بلوچ، ارباب آريجو، اظهر ابڙو، جي ايم سرگاڻي، محسن شاهه ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.
ان موقعي تي ڳالهائيندي مٿين اڳواڻن جو چوڻ هو ته آءِ بي اي جيڪي پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي لاءِ جيڪي ٽيسٽون ورتيون هيون ان سوالنامي ۾ وڏيون زيادتيون ڪيون آهن. ٽيسٽ ۾ 43 سوال غلط ڏنا ويا آهن. تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه سنڌ جي نوجوانن کي چيلينج ڏنو ته اهي غلط سوال ظاهر ڪري ڏيکاريو ۽ اسان اهي غلط سوال ظاهر ڪري ڏيکاريا پر آءِ بي اي وارا مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهن ته انهن غلط سوال ڏنا آهن. 55 مارڪن تي پاس وارو شرط ختم ڪري 40 مارڪن تي پاس ڪري استاد ڀرٿي ڪيا وڃن. جڏهن ته 17 هين گريڊ ۾ جيڪي هيڊماستر ڀرٿي ڪيا ويا آهن، انهن کي 48 مارڪن تي پاس ڪري کنيو ويو آهي. سنڌ حڪومت 40 سيڪڙو مارڪن وارو شرط صرف عورتن لاءِ مڃڻ لاءِ تيار آهي ته باقي مردن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو انهن کي 40 مارڪنن تي ڀرٿي نه ٿو ڪيو وڃي.
احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته آءِ بي اي وارا ڪجهه شيون مينيج ٿا ڪن ان جي لاءِ پاس ٿيل اميدوارن جا جيڪي سيٽ نمبر الاٽ ڪيا آهن، انهن جي جاءِ تي انهن جا نالا ۽ يونين ڪائونسل، تعلقه ۽ ضلعه لکو ته جيئن اسان سڀني کي خبر پوي ته ڪهڙي يوسي مان ڪيترا اميدوار پاس ٿيا آهن ۽ ڪيتريون جايون اڃان خالي پيل آهن. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ تمام گهڻي بيروزگاري ۽ مهانگائي پيدا ٿي وئي آهي، جنهن ڪري بيروزگار نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن.
هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته هر سبجيڪٽ مان 45 سيڪڙو وارو شرط ختم ڪري، 40 مارڪن تي پاس ڪيو وڃي، آءِ بي اي پاران سوالنامي ۾ ڏنل غلط سوالن جو ازالو ڪيو وڃي، سموري سنڌ کي هارڊ ايريا ڊڪليئر ڪري گريس مارڪون ڏنيون وڃن.