نئون ديرو جي پرائمري اسڪول ون ۾ ميلاد جي محفل منعقد ڪئي وئي

news-details

نئون ديرو(رپورٽ: رحمت الله موريو) جشن آمد رسول صلي الله عليه وسلم جي سلسلي ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ون ۾ ميلاد جي محفل منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اسڪولي شاگردن حمد باري تعاليٰ ۽ نعت رسول مقبول پڙهي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي آمد جو جشن ملهايو.
تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر گلشير سومرو، ڊي ڊي او انيس الرحمان جلباڻي، ٽي اي او رشيد چانڊيو خصوصي طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته اسڪول جي هيڊ مسٽريس صنم سيال، سينئر استادن عبدالجبار پهوڙ، اعجاز سيال، امداد ميراڻي، منصف مهر، عرفان منگي، نزاڪت ڪلهوڙو، ارشد ميمڻ سميت سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين ميلاد جي جشن کي ڀرپور نموني ملهايو.
هوڏانهن ڳالهائيندي هنن جو چوڻ هو ته حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم پوري ڪائنات تي رحمت اللعالمين بڻجي آيا ۽ انهن جي آمد جو جشن پوري ڪائنات وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ٿي ۽ اسان امت مسلمان هن ڏينهن کي عيد جو ڏينهن ڪري عقيدت ۽ احترام سان ملهايون ٿا ۽ جيستائين هيءَ ڪائنات آهي تيستائين آقا جي ميلاد جو جشن جاري ۽ ساري رهندو.
هنن چيو ته اسڪولن اندر هن قسم جي پروگرامن ۾ شاگردن کي پنهنجو ٽئلينٽ پيش ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ اسڪول ۾ هن قسم جا پروگرام اڳتي به جاري رکيا وڃن.