بدين: چانڊيه نگر پاڙي جي رهواسين جو پوليس ۽ بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج

news-details

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) شهر جي چانڊيه نگر پاڙي جي رهواسين عبدالعزيز چانڊيو، مُطلب چانڊيو سندس گهر واري مسمات ساجدهه چانڊيو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان چانڊيه نگر ۾ مسواڙ جي جاءِ ۾ رهندا آهيون، گهر مالڪ يان پاڙيسرين کي اسان مان ڪا شڪايت به نه آهي پر بااثر وڏيرا امين چانڊيو، سڪندر چانڊيو، بابر چانڊيو ۽ داروغو محمد خان لاشاري روز جديد هٿيارن سان ليس ٿي اسان جي گهر جي دروازي تي اچي اسان سان گارگند ڪري جان کان ماري خون ڪرڻ ڌمڪيون ڏيئي ويندا آهن ته گهر خالي ڪريو نه ته اسان ته رات جو گهر مٿان بلڊوز هلائي گهر ڊاهي اوهان کي به ان ۾ زندهه دفن ڪري ڇڏينداسين.
هنن چيو ته اسان کي بااثر وڏيرن مان هر وقت جان ۽ مال جو خطرو آهي پر پوليس اسان کي تحفظ ڏيڻ بجاءِ وڏيرن جي ونگار وهي رهي آهي.
هنن ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته بااثر وڏيرن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، اسان کي جان جو تحفظ فراهم ڪيو وڃي.