news-details

عمران غريب ماڻهن کي مشڪلاتن ۽ پريشانين کان سواءِ ڪجهه ناهي ڏنو: علامه باقر عباس زيدي

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ مجلس وحدت المسلمين جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري علامه باقر عباس زيدي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آيل آهي، عوام پي ٽي آئي ۽ عمران خان تي اعتماد ڪندي ووٽ ڏئي اقتدار جي ڪرسي تي ويهاريو پر افسوس هن غريب ماڻهن کي مشڪلاتن ۽ پريشانين کان سواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، هن چيو ته عمران خان ڪنٽينر تي چڙهي چوندو هو ته پيٽرول هڪ روپيو مهانگو ثئي ته حڪمران چور آهي، پيٽرول مهانگو ٿيڻ وارا پيسا حڪمران جي جيب ۾ ويندا آهن، هاڻ اسان ان کان پڇڻ چاهيان ٿو، پيٽرول ايترو مهانگو ٿي ويو آهي، هاڻي پيسا ڪنهن جي جيب ۾ وڃن ٿا.
هن چيو ته عمران کان اڳوڻي حڪمرانن کان وڌيڪ ڪم چاڙهي ڇڏيو آهي، هن سرڪار جي پاليسن سبب مسڪين غريب پورهيت ماڻهون خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهي، اسان هر پندرهين ڏينهن پيٽرول جي قيمتن جي واڌ ۽ ملڪ ۾ مهانگائي جي مذمت ڪيو ٿا ۽ وقت جي حڪمرانن کان مطالبو ڪيو ٿا ته بنادير ملڪ مان مهانگائي ڪرپشن ختم ڪري عوام کي رليف مهيا ڪيو وڃي، هن چيو ته سرڪار پاران عزادارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جي به مذمت ڪيون ٿا ۽ مطالبو ڪيون ته عزادارن مٿان داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن.
ان موقعي تي وسيم مهر، راجه ڪلوڙ ۽ ٻيا ڳواڻ به ساڻس گڏ هئا.