ڪراچي: صوبائي وزير شهلا رضا چيو آهي ته دنيا شاهد آهي ته ٻه ڀيرا چونڊيل وزيراعظم تي اونداهيءَ ۾ حملو ڪيو ويو، اسان حق تي هلڻ وارا آهيون ۽ موت کان ناهيون ڊڄندا.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پارٽي جي ٻين اڳواڻن سان گڏ ڪارساز سانحي واري هنڌ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.
سندس چوڻ هو ته اڄ مهانگائي ۽ بيروزگاري جي دور ۾ اسان کي محترمه جي ڪاز جي ضرورت آهي، اسان عوام جي طاقت سان اقتدار ۾ ايندڙ ماڻهو آهيون، اسان کي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ناڪام ٿي ويندا.
شهلا رضا چيو ته جيڪو به سليڪٽڊ هوندو، ان جي ڪنهن قدم سان عوام کي سهولت نه ملي سگهندي، اسان شهيدن کي ناهي وساريو، اسان سان شهيدن جون دعائون گڏ آهن، شهيدن جي وارثن کي رهائشي منصوبن ۾ رکيو ويو.
هن چيو ته سانحي جون شاهديون مِٽايون ويون، دنيا جي عدالتن نه ذوالفقار ڀٽو کي انصاف ڏنو، نه يوسف رضا گيلاني کي انصاف ڏنو، اسان بي وقوف قسم جي ضمانت وٺي ناهيون ڀڄندا.