news-details
اسلام آباد

عيد ميلاد النبي صه: بني گالا کي رنگ برنگي ٻرندڙ لائيٽن سان سينگاريو ويو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي رهائش بني گالا کي جشن عيد ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ رنگ برنگي ٻرندڙ لائيٽن سان سينگاريو ويو.
وزيراعظم عمران خان جي انسٽاگرام اڪائوڻ تي بني گالا جي هڪ تصوير شيئر ڪئي وئي، جنهن ۾ بني گالا کي بلفڙين سان سينگاريل ڏسي سگهجي ٿو.
پي ٽي آءِ جي تصديق ٿيل اڪائونٽ تان به بني گالا جي سجاوٽ جون ڪيتريون ئي تصويرون شيئر ڪيون ويون.
واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ اڄ جشن عيد ميلاد النبي صه عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي.