news-details
ڪراچي

پاڪ بحريا دشمنن جي ناپاڪ منصوبن کي ناڪام بڻايو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪ بحريا دشمن جي سازشن کي بي نقاب ڪيو.
پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ ڀارتي آبدوز کي ڳولي لهڻ ۽ انکي ڀڄائڻ تي پي پي چيئرمين پاڪ بحريا کي خراج تحسين پيش ڪئي.
هن چيو ته پاڪ بحريا دشمنن جي ناپاڪ منصوبن کي ناڪام بڻايو، عالمي برادري پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ ڀارتي مداخلت جو نوٽيس وٺي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪ بحريا پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪندي دشمن جي سازشن کي ناڪام بڻايو.
هن چيو ته پاڪستاني حدن ۾ لڳاتار ٽيون ڀيرو ڀارتي مداخلت ڳڻتي جوڳي آهي، عالمي برداري نوٽيس وٺي.
پي پي چيئرمين جو چوڻ هو ته ڀارتي آبدوز جي مداخلت واري لڳاتار واقعن مان ڀارت جي جارحاڻي مقصدن تان پردو کڄي ٿو.
سندس چوڻ هو ته دنيا ڄاڻي وٺي ته جارحاڻي مقصدن خلاف هر پاڪستاني پنهنجي دشمن جي لاءِ رُڪ جي ڀت بڻجي بيهندو.