news-details
ڪراچي

عيد ميلاد النبي صه: سيد مراد علي شاهه جون دنيا جي سڀني مسلمانن کي مبارڪون پيش

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اڄ سموري مسلمان امت کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو، حضور صلعم سڀني مسلمانن جي لاءِ روشني جي راهه ڏسي.
وڏي وزير ميمڻ مسجد ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دعا ٿو ڪيان ته الله پاڪ اڄوڪي ڏينهن جي برڪت سان پاڪستان کي ڪورونا کان پاڪ رکي.
سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته الله پاڪ اڄوڪي ڏينهن جي برڪتن جي صدقي پاڪستان کي مهانگائي ۽ ڏکئي وقت مان ڪڍي، اسان جون عبادتون قبول ڪري.
هن چيو ته حضور پاڪ صلعم جي ولادت سڀني مسلمانن ۽ انسانيت جي لاءِ رحمت جو سبب آهي، انهن جي سيرت انسانيت جي لاءِ شفقت، محبت ۽ برابري جو درست ڏئي ٿي.
سندس چوڻ هو ته جشن عيد ميلاد النبي صه ملهائڻ سان گڏ اسانکي حضور صلعم جي تعليمن تي به عمل ڪرڻ گهرجي.
ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مراد علي شاهه عيد ميلاد النبي صه جي جلوس ۾ شرڪت ڪندي ميمڻ مسجد ويجهو ربيع الاول جي جلوس جي اڳواڻي ڪئي.