آءِ ايم ايف سان ڊيل جي خوشخبري تمام جلد ملي ويندي: گورنر رضا باقر

news-details

لنڊن: اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر چيو آهي ته عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) سان ڊيل جي خوشخبري تمام جلد ملي ويندي.
لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رضا باقر جو چوڻ هو ته اوورسيز پاڪستانين لاءِ وزيراعظم جو پيغام کڻي آيو آهيان، هن وقت تائين 2 لک 60 هزار روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ کُلي چڪا آهن، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي ذريعي 6. 2 ارب ڊالر پاڪستان آيا آهن.
پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مهانگائي پوري دنيا ۾ ٿي رهي آهي، آمريڪا ۾ جيتري هن وقت مهانگائي آهي اها گذريل 30 سالن ۾ ناهي ٿي، تيل جون قيمتون وڌڻ سان مهانگائي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
رضا باقر جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن ۽ جلد ئي آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي خوشخبري ملي ويندي.
هن چيو آهي ته ايڪسچينج ريٽ جون 2019 جي مارڪيٽ ريٽ تي ڇڏي ڏنو آهي، ادائيگين جو دٻاءُ ان لاءِ آهي ته اسان جي معيشت بهتر ٿي رهي آهي.