news-details

جيڪب آباد ويجهو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب مسافر وين ڪلٽي، عورت سوڌو اٺ ڄڻا زخمي

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد چنڊ شاخ وٽ دائوجھانپور کان جيڪب آباد شھر طرف ايندڙ مسافر وين ٽائر برسٽ ٿيڻ بعد ڪلٽيون کائيندي اونڌو ٿي ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورت خالده نور محمد، ربڏنو، علي محمد، عزير احمد، بابل سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ مسافرن ۾ ڪيھاٽ پئجي ويو.
جڏهن ته اھڙي اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي سول اسپتال آندو ويو، جتي زخمين طبي امداد ڏني وئي.
ان سلسلي ۾ مولاداد پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مسافر وين کي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو، جنهن ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته مسافر جاني نقصان کان محفوظ رهيا.