جيڪب آباد ويجهو موٽرسائيڪل ۽ ڪار ۾ ٽڪر، نينگر فوت

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد جمالي باءِ پاس تي ميهر شاهه لڳ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار جان محمد ٽالاڻي ڪالوني واسي 12 ورهين جو نينگر ديدار علي لاشاري ٿڏي تي فوت ٿي ويو، ڪار ڊرائيور ڪار سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
جڏهن ته اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس پاران فوتي نينگر جي وارثن کي اطلاع ڪيو ويو، جنهن بعد نينگر جا وارث سول اسپتال پهچي لاش گهر کڻائي ويا، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قھرام مچي ويو.
ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ هو ته نينگر کي ڪار ٽڪر هنيو آهي، ڪار ڊرائيور جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي ڪئي وئي آهي، کيس گرفتار ڪيو ويو ويندو.